مائڪرو سافٽ ڪمپني مشھور وڊيو ميٽنگ پليٽفارم اسڪائپ کي 22 سالن جي ڊگهي خدمتن بعد بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اهو فيصلو مائڪرو سافٽ پاران تيار ڪيل هڪ ٻئي وڊيو ميٽنگ پليٽ فارم ”ٽيمز “ جي وڌندڙ مقبوليت کان پوءِ سامهون آيو آهي، جنهن تي ڪمپني هاڻ سڄو ڌيان ڏيڻ چاهي ٿي.
مائڪرو سافٽ جي هڪ اعليٰ عهديدار موجب ٽيمز ۾ به اهي خاصيتون جاري رکيون ويون آهن، جيڪي اڳ اسڪائپ ۾ موجود هيون.
ٽيمز ذريعي انفرادي ۽ گروپ وڊيو ڪالز، ميسيجنگ ۽ فائل شيئرنگ جهڙي خدمتن مان مفت فائدو کڻي سگهجي ٿو.
مائڪرو سافٽ موجب گذريل ٻن سالن دوران ٽيمز استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي انگ ۾ چنئوڻ تي واڌ ٿي آهي.
اسڪائپ واهپيدارن جو انگ 2008 ۾ 400 ملين تائين پهچي ويو هو پر بعد ۾ ٻين ايپس جي اچڻ سبب ان جو استعمال گهٽجندو ويو، جڏهن ته ڪووڊ دوران جتي ٻين وڊيو ڪانفرنس پليٽ فارمز جي واهپيدارن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو، اتي اسڪائپ جي استعمال ۾ ڪا خاص واڌ ڏسڻ ۾ نه آئي.
انکان پوءِ مائڪرو سافٽ ٽيمز تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ آخرڪار اسڪائپ کي سومر جي ڏينهن مڪمل طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جو اطلاع واهپيدارن کي پڻ ڏنو ويو آهي.
