ڀارتي حڪومت عالمي سطح تي شهرت رکندڙ صوفي گلوڪارا عابده پروين جو انسٽاگرام اڪائونٽ به بلاڪ ڪري ڇڏيو.
ڀارت ۾ ڪيترن ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن عابده پروين جو انسٽاگرام اڪائونٽ بلاڪ ٿيڻ تي اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي مايوسي جو اظهار ڪيو.
ڀارتي واهپيدارن صوفي گلوڪارا جو اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي کي وائڙائپ قرار ڏنو.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڀارتي حڪومت راحت فتح علي خان، عاطف اسلم، علي ظفر، آئمه بيگ ۽ فرحان سعيد سميت ٻين گلوڪارن جا انسٽاگرام اڪائونٽ به بلاڪ ڪري ڇڏيا هئا.
