نئين دهلي : پهلگام فالس فليگ آپريشن کانپوءِ ڀارت جي اندران به مودي سرڪار خلاف آواز اٿڻ لڳو ۽ نوجوان حڪومت کان سوال پڇي رهيا آهن.
مودي سرڪار جي ناڪامين تي ڀارتي نوجوانن احتجاج ڪندي چيو ته اقتدار جي لالچ ۾ مودي هميشه ڪوڙيون دعوائون ڪيون، جيڪي حقيقت کان پري رهيون.
هنن چيو ته نوجوانن ۽ هارين سان ڪيل واعدا اڄ تائين اڌورا آهن، مودي ٻه ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو هو پر اڄ ڀارتي نوجوان بيروزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن.
نوجوانن چيو ته مودي، اميت شاهه ۽ يوگي آدتيه ناٿ ملڪ کي نفرت، تشدد ۽ فرقيواريت جي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، ڀارتي نوجوان جنگ نه پر روزگار، تعليم ۽ امن چاهين ٿا.
سندن چوڻ هو ته مودي سرڪار ڀارت کي مذهب ۽ ذات پات جي نالي تي ورهائي ڪمزور ڪيو آهي، ڀارتي عوام مودي جي نفرت واري سياست کي رد ڪري چڪو آهي ۽ هڪ منصفاڻي، متحد ۽ ترقي يافته ڀارت جي گهر ڪري رهيو آهي.
