اسلام آباد: سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل واري فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
اڄ ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ پنهنجا دليل مڪمل ڪيا جنهن کان پوءِ آئيني بينچ چيو ته ڪيس جو فيصلو ڇنڇر تي ٻڌايو ويندو.
جسٽس امين الدين خان چيو ته شارٽ آرڊر هن هفتي جاري ڪنداسين. اٽارني جنرل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جو آئيني بينچ آبزرويشن ڏيندو پارليامينٽ جي قانون سازي لاءِ چوڻ جي مثال ۾ هڪ عدالتي فيصلو موجود آهي. اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو فيصلو موجود آهي.
جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته هن فيصلي ۾ ته پارليامينٽ کي باقاعده هدايت جاري ڪئي وئي هئي. پارليامينٽ کي قانونسازي لاءِ ڇهن مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي.