اسلام آباد: ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. پهلگام حملي کان پوءِ پاڪ ڀارت وڌندڙ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ايران پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. ترجمان ٻڌايو ته اسلام آباد ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزارت جي اعليٰ اختيارين ۽ ايراني سفير پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو استقبال ڪيو.
ترجمان موجب ايراني پرڏيهي وزير صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم سان ملاقاتون ڪندو ۽ ٻطرفي لاڳاپن، علاقائي عاملي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.
پاڪستان جي دوري کان پوءِ ايراني پرڏيهي وزير هن هفتي ڀارت جي دوري تي به ويندو. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ٻنهي ملڪن جي دوري جو مقصد پهلگام واقعي کان پوءِ ٿيل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي هئي.