77

سنڌ حڪومت پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي مڪمل پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي:  سنڌ حڪومت پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي 15 جون کان مڪمل پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

صوبائي حڪومت ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لاءِ اهم قدم کڻندي هر قسم جي پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي مڪمل  پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ماحوليات کاتي، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پابندي نان ڊيگريڊيبل، اوڪسوڊيگريڊيبل، بليڪ اوري سائيڪلڊ پلاسٽڪ بيگز تي به هوندي.

اهو قدم سنڌ پروبيشن آف نان ڊيگريڊيبيل پلاسٽڪ پروڊڪٽس رولز 2014 ۾ ترميم جي تحت ڪيو ويو آهي. ماحوليات واري سيڪريٽري آغا شاهنواز چيو ته صرف ماحول دوست بيگز جي استعمال جي اجازت هوندي. هن چيو ته پلاسٽڪ بيگز ماحولياتي تباهي جي بنياد آهن. هاڻ صرف اعلان نه پر زيرو ٽالرنس جي تحت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں