45

اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن جي لاءِ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وياج جي شرح کي 12 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 11 سيڪڙو ڪري ڇڏيو.  پڌرائي موجب مهانگائي جي شرح ۾ لاڳيتو گهٽتائي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجي. مهانگائي جي شرح اپريل ۾ سالياني بنيادن تي 0.3 سيڪڙو رهي.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مالي سال 2025ع جي ٻئي ٽه ماهي جي ڊي پي 1.7 سيڪڙو رهي، زرعي پاليسي ڪميٽي مالي سال 2025جي جي ڊي پي 2.5 کان 3.5 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي. مارچ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 1.2 ارب ڊالر سرپلس رهيو.

ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخِيرا رڪارڊ سطح تي پهچي ويا. ذخيرا جون 2025ع تائين 14 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اپريل ۾ مهانگائي گهٽ ٿي صرف 0.3 سيڪڙو رهجي وئي، صارفين جي اميدن ۾ بهتري، توانائي ۽ ڪڻڪ جون قيمتون به گهٽ ٿيون، مهانگائي ايندڙ مهينن ۾ وڌي سگهي ٿي پر 5-7 سيڪڙو جي حد ۾ رهندي.

ياد رهي ته 27 جنوري 2025 تي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان 2 مهينن جي لاءِ  وياج جي شرح  هڪ سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن کان پوءِ وياج جي شرح 12 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي هئي جڏهن ته 10 مارچ 2025 تي ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح کي 12 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں