55

سرگودها: راند دوران ڪڻڪ جي ڊرم ۾ ويل 6 ٻارڙيون ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت

سرگودها:   سرگودها ۾ 6 ٻارڙيون ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويون آهن. ريسڪيو اختيارين موجب اهو افسوسناڪ واقعو سرگودها جي علائقي ڪوٽ مومن ۾ پيش آيو جتي ٻارڙيون راند کيڏندي ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ ڊرم ۾ اندر ويون جتي ٻارڙيون ڦاسي پيون.

ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيلن ۾ 7 ورهين جي مريم، 6 ورهين جي سونيا، 1 ورهين جي دعا فاطمه، 4 ورهين جي سويرا راڻي، 6 ورهين جي آمنه ۽ 8 ورهين جي سميه فوت ٿي ويون.

ذريعن ٻڌايو ته گهر ڀاتي ڊرم کي زمين تي  ليٽائي صاف ڪرڻ کان پوءِ ٻاهر هليا ويا هئا، معصوم ٻارڙيون راند کيڏڻ دوران ڊرم اندر هليون ويون جنهن دوران ڊرم جو ڍڪڻ بند ٿي ويو.

ٻئي طرف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف سرگودها ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 6 ٻارڙين جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو، سوڳوار خاندان سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن ڊي پي او محمد صهيب اشرف واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي اي ايس پي ڪوٽ مومن، ايس ايڇ او ڪوٽ مومن ۽ ٽيم سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي ويا. فرانزڪ ۽ ريسڪيو ٽيمون به موقعي تي موجود آهن. ڊي پي او سرگودها محمد صهيب اشرف چيو آهي آهي ته واقعي جي سمورن رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں