نئين دهلي: پاڪستان مان ڀارت ويل سيما حيدر مٿان ” ڪاري جادوءَ “ جو الزام لڳائيندي مٿس حملو ڪندڙ گجراتي شخص کي ڀارتي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ همراهه سيما حيدر ۽ سندس مڙس سچن مينا جي گهر ۾ زبردستي گهڙي آيو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ ڏڦيڙ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
اطلاع ملڻ تي پوليس ترت واقعي واري هنڌ پهتي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب، جوابدار جي سڃاڻپ ”تيجس“ جي نالي سان ٿي، جيڪو گجرات جو رهواسي آهي ۽ ذهني بيماري جو شڪار آهي.
پوليس جا چوڻ آهي ته تيجس جاچ دوران دعويٰ ڪئي ته سيما حيدر ۽ سندس مڙس سچن مينا مٿس” ڪارو جادو “ ڪرايو آهي.
ياد رهي ته سيما حيدر پاڪستاني شهري آهي، جنهن جي سچن مينا سان پهرين ملاقات 2019ع ۾ آن لائين شوٽنگ گيم ”پب جي“ تي ٿي هئي، جيڪا پوءِ محبت ۾ بدلجي وئي.
سيما حيدر 13 مئي 2023ع تي پنهنجن چئن ٻارن سان گڏ نيپال رستي ڀارت پهتي، جتي هن هندو مذهب اختيار ڪري سچن سان شادي ڪئي ۽ هاڻي هوءَ ساڻس گڏ ڀارت ۾ ئي رهي پئي.