56

ڀارت پاڪستاني خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ به بلاڪ ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڀارت پاڪستاني خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ به بلاڪ ڪري ڇڏيو.

پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو ته ڀارت رياستي دهشتگردي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي دهشتگردي ۾ مصروف آهي.

هن چيو ته پ پ قيادت ڀارت جو اصل چهرو دنيا کي ڏيکاريندي رهندي، گجرات کانپوءِ پهلگام واقعي تي به ڀارتي عوام مودي جو گهيرو ڪندو.

ياد رهي ته ڀارت گذريل ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ايڪس اڪائونٽ به بلاڪ ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں