74

صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جو مک جوابدار شيرو مهر مارجي ويو

شڪارپور: شڪارپور پوليس جي ڪچي واري علائقي ۾ گڏيل آپريشن دوران صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار شيرو مهر کي پوليس مقابلي دوران مارجي ويو، سندس گهرواري ۽پٽ زخمي ٿي پيا

ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ تصديق ڪندي ٻڌايو ته شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جو مُک ڪردار شيرو مهر پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي.

ذريعن موجب، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڪچي واري علائقي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو ويو، جتي هٿياربندن سان سخت مقابلي کانپوءِ شيرو مهر مارجي ويو، جيڪو صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ مک ڪردار طور نامزد هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شيرو مهر ڪيترن ئي ڏوهن ۾ گهربل هو ۽ سندس گرفتاري لاءِ مختلف وقتن تي ڪوششون جاري رهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں