73

احسن يونس گهر ڀيڙو،ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان آءِ جي اسلام آباد مقرر

اسلام آباد (رپورٽر) انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) اسلام آباد پوليس احسن يونس کي بدلي ڪري ڇڏيو.آءِ جي اسلام آباد احسن يونس جي بدلي جو باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان نئون آءِ جي اسلام آباد هوندو. ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد پوليس محمد فيصل کي به بدلي ڪري سندس خدمتون پنجاب حوالي ڪيون ويون آهن. احسن يونس جون خدمتون پنجاب حوالي ڪيون ويون آهن، جڏهن ته گريڊ 19 جي آفيسرن سهيل ظفر چٺا ۽ ياسر آفريدي جون خدمتون به وفاق حوالي ڪيون ويون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں