واشنگٽن: دنيا جي مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ ڪجهه ڪلاڪن اندر ٽن مشهور آءِ فون تي ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندي.
واٽس ايپ هاڻ رڳو انهن ايپل ڊيوائيسز تي هلندو جن ۾ آءِ او ايس 15.1 يا ان کان نئون آپريٽنگ سسٽم موجود هوندو.
في الحال جيڪي آءِ فون آءِ او ايس 12 يا ان کان جديد ورزن هلائي سگهن ٿا، سي واٽس ايپ استعمال ڪري سگهن ٿا، پر آءِ فون 5s، آءِ فون 6 ۽ آءِ فون 6 پلس تي واٽس ايپ هلڻ بند ٿي ويندو.
اڄ کانپوءِ اهي فون واٽس ايپ تي نه پيغام موڪلي سگهندا ۽ نه وصول ڪري سگهندا، جنهن سبب پراڻين ڊوائيسز جا ڪيترائي واهپيدار مايوس ٿي سگهن ٿا.
واٽس ايپ ترجمان چيو آهي ته هر سال هو ڏسندا آهن ته ڪهڙيون ڊوائيسز پراڻيون ٿي ويون آهن ۽ ڪيترا ماڻهو انهن کي استعمال ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته پراڻين ڊوائيسز ۾ نه رڳو سيڪيورٽي اپڊيٽس جي کوٽ هوندي آهي، پر واٽس ايپ هلائڻ لاءِ گهربل فني سهولتون به موجود نه هونديون آهن، ان ڪري انهن جي سهائتا ختم ڪئي ويندي آهي.