مظفرآباد: آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل(ڊي جي) ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت پنهنجي فضائي حدن مان بهاوالپور، ڪوٽلي، مظفر آباد ۾ ميزائل فائر ڪيا آهن، ڀارت طرفان بزدلاڻو حملو ڪيو ويو جڏهن ته پاڪ فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي 5 جهاز ۽ 3 ڊرونز ڪيرائي ڇڏيا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چيو آهي ته ڪجهه دير اڳ بزدل دشمن هندوستان پاڪستان ۾ مسجد سبحان الله بهاولپور، احمد پور ايسٽ جي علائقي ۾ ڪوٽلي ۽ مظفر آباد ۾ 3 جڳهن تي فضا کان ميزائل فائر ڪيا آهن. هن چيو ته اسان جي فضائيه جا جهاز هر وقت تيار آهن. ڀارت بزدلاڻو حملو ڪيو آهي جيڪو شرمناڪ آهي ڀارت پنهنجي فضائي حدن اندران وار ڪيو آهي.
ميجر جنرل احمد شرف چيو آهي ته ڀارت اهو حملو پنهنجي فضائي حدن مان ڪيو، اسان کين پنهنجي حدن ۾ داخل ٿيڻ ۽ پاڪستاني حدن جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه ڏينداسين. پاڪستان انهي جو جواب پنهنجي مرضي جي وقت ۽ هنڌ تي ڏيندو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اها شرمناڪ اشتعال انگيزي آهي انهي جو جواب ضرور ڏنو ويندو.ڀارت بزدلاڻو حملو ڪري جيڪا عارضي خوشي حاصل ڪئي آهي انهي جو سخت جواب ڏنو ويندو.