50

ستل هئاسين ته اوچتو زلزلي جيان محسوس ٿيو، پاڪستاني شهرين ڀارتي حملي جو اکين ڏٺو احوال ٻڌائي ڇڏيو

مظفر آباد:ڀارتي فوج رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪندي آزاد ڪشمير جي علائقن ڪوٽلي، مظفر آباد ۽ باغ کان علاوه مريدڪي ۽ احمد پور شرقيه ۾ شهري آبادي کي نشانو بنايو آهي.

مريد ڪي جي ڏوراهين علائقي ننگل شاهدان جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڀارت مقامي مسجد ۽ چوڌاري هڪ ٻئي پٺيان 4 حملا ڪيا رهواسين موجب جنهن مسجد ۽ مدرسي تي ڀارت حملو ڪيو اسان انهي جي ڀرسان ئي رهندا هئاسين. علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته پهريان هڪ ڌماڪو ٿيو جنهن کان پوءِ 3 ٻيا ڌماڪا ٻڌا ويا.

مقامي رهواسي عثمان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته علائقي جي رهواسين جا حوصلا بلند آهن اسان پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون. ڀارت کي انهي جي زبان ۾ جواب ڏنو ويندو. ڀارت پنهنجي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ سويلين آبادي کي نشانو بنايو آهي.

مظفر آباد جي علائقي شوائي مان لڏ پلاڻ ڪندڙ هڪ خاندان ٻڌايو ته اسان ستل هئاسين ته اوچتو زلزلي جيان محسوس ٿيو  جنهن کان پوءِ اسان خوف جي عالم ۾ گهرن کان ٻاهر نڪري آياسين. ياد رهي ته ڀارتي فوج جي بزدلاڻي حملي ۾ 2 مسجدون شهيد ٿيون جڏهن ته هڪ ٻارڙي سميت 13 پاڪستاني شهيد ۽ 36 زخمي ٿي پيا.

پاڪ فوج ڀارتي ڪارروائين جو ڀرپور جواب ڏيندي ڀارتي فوج جا 3 رافيل، هڪ سڪوٽي، هڪ مگ 29 ۽ هڪ ڊرون تباهه ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڀارتي  فوج جو بريگيڊ هيڊ ڪوارٽر به تباهه ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي سخت حملن کان پوءِ ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي اڇو جهنڊو لهرائي شڪست کي مڃي ورتو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں