راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ مسجدن ۽ سول آبادي کي رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارن سميت 26 معصوم شهري شهيد ۽ 46 ڄڻا زخمي به ٿيا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڀارت طرفان رات جي اونداهي ۾ ٿيل بزدلاڻي حملي کان پوءِ تازه ترين صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڀارت جن جڳهين کي نشانو بنايو اتي سول آبادي هئي، احمد پور شرقيه ۾ 13 شهادتون ٿيون جڏهن ته مريد ڪي ۾ مسجد کي نشانو بنايو ويو جتي 3 شهادتون ٿيون.
هن چيو ته ڀارت طرفان مسجدن کي نشانو بنايو ويو، عبادتگاهن کي نشانو بنائڻ انهي تنگ نظر سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪا مودي جي حڪومت ۾ هندوتوا جو تاثر وڌي رهيو آهي جنهن ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي مذهبي آزادي کي روڪيو پيو وڃي.
پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ڀارتي حملن جو جواب ڏيندي 5 جهازن ۽ هڪ ڪمبيٽ ڊرون کي ڪيرائي ڇڏيو. ڀارتي جهازن کي جنرل ايريا بهٽنڊا، کهنور، اونتي پور ۽ هڪ والاريل سري نگر ۾ ڪيرايو ويو. انهن جهازن کي انهي وقت ڪيرايو ويو جڏهن انهن جهازن پاڪستان تي حملو ڪيو. تباهه ٿيل ڀارتي جهازن۾ 3 رافيل، هڪ مگ 29، هڪ سڪوٽي ۽ هڪ ڪمبيٽ ڊرون شامل آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فضائيه ۽ فوج ڀارت جي ڪيترين ئي چيڪ پوسٽن کي به تباهه ڪيو، سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڀارتي فوج جي بريگيڊ هيڊ ڪوارٽر کي نشانو بنايو ويو. ڇتري، پوسٽ، جورا پوسٽ، شاهپور ٿري پوسٽ ۽ ٻين پوسٽن کي نشانو بنايو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته هڪ ٻيو انتهائي افسوسناڪ عمل ڀارت طرفان اهو ڪيو ويو ته ڀارت نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي نئين سري سان شروع ٿيل ڊيم جي اسٽرڪچر کي نشانو بنايو جنهن سان انهي کي به نقصان پهتو. هائيڊرو اسٽرڪچر کي نشانو بنائڻ برداشت نه ڪرڻ جوڳو عمل ۽ خطرناڪ شر انگيزي آهي. ڇا هندستان پاڪستان جي عوام جي پاڻي کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو. ڇا ڀارت کي خبر آهي ته انهي جا ڪهڙا اثر پوندا. انهي جو ڪهڙو مطلب آهي ڇا عالمي قانون ۽ جنگي روايتون انهي ڳالهه جي اجازت ڏيون ٿيون ته اوهان ڪنهن ٻئي ملڪ جي پاڻي جي ذخيرن ۽ ڊيمز کي نشانو بنايو.
هن ٻڌايو ته ڀارت طرفان هڪ ٻئي خطرناڪ ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳي حرڪت اها ڪئي وئي جڏهن ڀارت بزدلاڻي ڪارروائي ڪئي ته انهي وقت ڪيتريون ئي قومي ۽ عالمي اڏامون پاڪستاني فضائي حدن ۾ هيون. هزارن جي تعداد ۾ سويلين مسافرن جون زندگيون خطري ۾ وڌيون ويون. حملي وقت 57 عالمي اڏامون پاڪستاني فضائي حدن ۾ هيون.