اسلام آباد:ڀارتي جارحيت تي قومي سلامتي ڪميٽي پاڪ فوج کي جوابي ڪارروائي جو مڪمل طور تي اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گذريل رات جي ڀارتي جارحيت ۽ پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۽ آئنده جي لائحه عمل تي غور ڪيو ويو، وفاقي وزير ۽ ٽنهي هٿياربند فوج جا سربراهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ موجوده حالتن جي حوالي سان ڪميٽي کي بريف ڪيو ويو.
جنهن کان پوءِ اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت دوران شهيد ٿيلن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ شرڪت ڪندڙن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب ڀارتي قدمن کي پاڪستان جي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته ڀارت طرفان ننڍي دهشتگرد ڪيمپس جي بهاني معصوم ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بنايو ويو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي ڀارت طرفان بزدلاڻي حملي کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ ڀارت جي بزدلاڻي ڪارروائي تي به غور ڪيو ويو.
قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي پڌرائي موجب ڀارتي فوج سيالڪوٽ، شڪرڳڙهه، مريد ڪي، بهاوالپور، ڪوٽلي ۽ مظفر آباد ۾ حملا ڪيا، چڙ ڏياريندڙ حملن ۾ خيالي دهشتگردي ڪيمپس جي بهاني شهري علائقن کي نشانو بنايو ويو. حملن ۾ معصوم مرد، عورتون ۽ ٻار شهيد جڏهن ته عمارتن ۽ مسجدن کي نقصان پهتو.
پڌرائي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارتي جارحيت تي قومي سلامتي ڪميٽي پاڪ فوج کي هر ضروري جوابي قدم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڀارتي قدم عالمي قانون جي تحت واضح طور تي جنگي قدمن جي زمري ۾ اچن ٿا.