اسلام آباد: ڀارت جي بزدلاڻي حملي کان پوءِ اسلام آباد جي اسپتالن ۾ به ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. وفاقي صحت واري وزارت موجب پمز پولي ڪلينڪ سميت سموري اسپتال جي عملي جون موڪلون ملتوي ڪيون ويون آهن.
وفاقي صحت واري چيو آهي ته شهر کان ٻاهر طبي عملي کي فوري طور تي واپس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته پنجاب جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي. ڊاڪٽرز، نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي اسپتالن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
انهي کان علاوه پنجاب جي سمورن ضلعن ۽ صوبائي مانيٽرنگ ادارن ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي.ٻئي طرف پاڪستان تي ڀارت جي حملي کان پوءِ پنجاب ۾ اڄ تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته صوبي ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن.