41

ڀارتي اڳرائي کان پوءِ سائبر حملي جو خدشو، ريڊ الرٽ جاري

اسلام آباد: نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم ڀارتي حملن کانپوءِ ملڪ اندر سائبر حملن جي خطري نظر ۾ رکندي اهم ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي آهي.

ايڊوائيزري موجب، دشمن عنصر موجوده ڇڪتاڻ جو فائدو وٺي پاڪستان جي اهم ني ٽورڪن تي سائبر حملن جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جعلي پيغامن، فشنگ اسڪيمز ۽ ڪوڙين ڪهاڻين ذريعي ماڻهن کي ورغلائي رهيا آهن.

نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪا به غير تصديق ٿيل ڄاڻ يا افواهه شيئر نه ڪئي وڃي، شڪي لنڪن تي ڪلڪ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ڪو به غير تصديقي اي ميل يا سوشل ميڊيا پيغام نه کوليو وڃي.

ايڊوائيزري ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته دشمن عوام ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، تنهنڪري رڳو سرڪاري يا ايمرجنسي ذريعن وٽان ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي ۽ واٽس ايپ سميت ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي پکيڙيل افواهن تي قطعي اعتبار نه ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں