لاهور: پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي سموري ملڪ ۾ هوائي آپريشن عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي، لاهور ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽ کان اندرون ۽ بيرون ملڪ ويندڙ سموريون اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن.
سول ايوي ايشن اختيارين موجب ڪراچي جي جناح انٽرنيشڻل ايئرپورٽ تي فلائٽ آپريشن اڄ صبح ملتوي ڪيو ويو آهي. ايئرپورٽ اختيارين موجب موجوده ملڪي حالتن ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. دبئي کان لاهور ايندڙ اڏام کي ڪراچي طرف موڙيو ويو جڏهن ته مدينه کان لاهور ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام به ڪراچي ڊائيورٽ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب ملتان کان ڪراچي ويندڙ هڪ ٻئي پي آءِ اي جي اڏام کي به دير سبب متبادل روٽ اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. متاثر اڏام کي 4 لڳي 15 منٽن تي لاهور ۾ لينڊ ڪرڻو هو.
سول ايوي ايشن ٿارٽي طرفان جاري ڪيل نوٽم موجب لاهور ۽ سيالڪوٽ جي هوائي رستي کي ڪمرشل اڏامن جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي جيڪو ٻنپهرن جو 12 وڳي تائين معطل رهندو. فلائٽ آپريشن جي بحالي جو حتمي فيصلو حڪومتي منظوري سان مشروط آهي.
اختيارين موجب فلائٽ آپريشن جي معطلي سبب هينئر تائين 18 کان وڌيڪ اڏامون متاثر ٿي چڪيون آهن. ايئر پورٽ اٿارٽي مسافرن کي درخواست ڪئي آهي ته تازي صورتحال جي لاءِ لاڳاپيل ايئر لائين سان رابطي ۾ رهن. ٻئي طرف ايئرپورٽس اٿارٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي فلائٽ آپريشن عارضي طور تي معطل ڪيو ويو آهي.