اسلام آباد: ڀارت رحيم يار خان ۾ شيخ زيد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي به نشانو بڻايو.
بزدل ڀارتي حملي جي نتيجي ۾ شيخ زيد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي نقصان پهتو آهي.
ڀارت پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي دوستي جي علامت کي نشانو بڻايو آهي، هي هوائي اڏو 1993 ۾ ٺاهيو ويو هو ۽ ان جو نالو شيخ زيد بن سلطان النهيان جي نالي تي رکيو ويو هو.