اسلام آباد: (ڇنڇر: 10 مئي 2025ع) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ پنجاب سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.
زلزلي پيمائش مرڪز موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ اٽڪ ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.
زلزلي جي مرڪز جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ زلزلي جي شدت 5.3 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ زلزلي جي کوٽائي 230 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش جبلن ۾ هو، خيبرپختونخواهه ۾ مردان، سوات، پشاور، نوشهره ۽ صوابي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.