اسلام آباد: ڀارت طرفان جديد اسرائيلي ۽ مختلف ٽيڪنالاجي جي ڊرونز سان اڳرائي جو سلسلو ٻئي ڏينهن به شروع ٿي ويو. پاڪ فوج صبح کان هن وقت تائين وڌيڪ 48 ڊرون ڪيرائي ڇڏيا آهن جنهن کان پوءِ ڪالهه کان هينئر تائين ڪيرايل ڊرونز جو تعداد 77 ٿي ويو، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ هفتي ۾ هينئر تائين ڀارت کي وڏو مالي نقصان ٿي چڪو آهي.
ڀارت طرفان ڇڏيل 4 جديد اسرائيلي هيروپ ڊرونز کي اوڪاڙه ڪينٽ جي علائقي ۾ آبادي کان ڪجهه فاصلي تي فصلن ۾ ڪيرايو ويو جنهن ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج طرفان هڪ ڊرون کي وهاڙي، هڪ کي پاڪپتن ۽ 4 ڊرونز کي اوڪاڙه ۾ تباهه ڪيو ويو آهي. ڪالهه کان هينئر تائين دشمن جي 77 ڊرونز کي تباهه ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊرونز جي تباهه ٿيڻ سبب ڀارت کي اربين ڊالر جو نقصان ٿي چڪو آهي، جڏهن ته حدف به حاصل نه ٿي سگهيا آهن. انهي کان اڳ پاڪستان ڀارت جي رافيل جهازن سميت 5 جنگي جهاز به ڪيرايا هئا هڪ جهاز جي ماليت ڪيترائي ڪروڙ ڊالر هئي.
هوڏانهن ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ٻڌايو هو ته سمورن ڊرونز کي مسلسل ريڊار تي مانيٽر ڪيو پيو وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب جڏهن به ڪوبه ڊرون ايندو آهي ته اهو مسلسل ريڊار تي نظر ايندو آهي اسان جي پنهنجي ايئر ڊفينس سسٽم ۾ ايتري صلاحيت آهي ته اهو ننڍن ڊرون کي به ٽريڪ ڪري وٺندو آهي. شهري علائقن ۽ ڪمرشل فلائٽس جي موجودگي ۾ ڊرون ڪيرائڻ جو هڪ آپريشنل طريقيڪار هوندو آهي.
دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو دفاعي نظام ۽ ايئر ڊفينس سسٽم دشمن جي حملن کي مسلسل ناڪام بنائي رهيو آهي، هيروپ ڊرونز جي ٽريڪنگ مان واضح آهي ته پاڪستان جو دفاعي ۽ ايئر ڊفينس سسٽم انتهائي مضبوط آهي.