84

عمران خان کي ڳالهائڻ دوران مشرقي روايتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي: خالد مقبول صديقي

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي مريم نواز بابت عمران خان جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي ڳالهائڻ دوران مشرقي روايتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.هڪ بيان ۾ خالد مقبول صديقي چيو ته اڳواڻن جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي سياسي تقريرن ۾ ثقافت ۽ اخلاقي قدرن کي نظر ۾ رکن، لکين ماڻهو سياسي اڳواڻن جي پيروي ڪندا آهن.هن چيو ته پاڪستاني سياست ۾ قوم جي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جون خدمتون بي مثال آهن.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته موجوده صورتحال ۾ هن تقرير سان ڪروڙين عوام جي جذبات کي مجروح ڪيو آهي، هن سياسي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته اهي مستقبل ۾ اهڙين تقريرن ۽ بيانن کان پاسو ڪن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں