65

پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري معاهدو: اقتصادي تعاون جي نئين دور جي شروعات

اسلام آباد:آچر:  ايس آءِ ايف سي جي مدد سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اهم واپاري معاهدو، ٻطرفي لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ موجب آمريڪا پاڪستان ۾ موجود تيل جي ذخيرن جي ڳولا ۽ ترقي ۾ تعاون ڪندو. پاڪستان جي سڀني کان وڏي آئل ريفائننگ ڪمپني  Cnergyico جو آمريڪي ڪمپني Uitol سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي. جنهن جي تحت پاڪستاني مصنوعات جي آمريڪي منڊن تائين پهچ ممڪن ٿي سگهندي. معاهدي جو بنيادي مقصد سرمائيڪاري کي هٿي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي اڳيان وڌائڻ آهي. انهي جي تحت آمريڪي منڊين ۾ پاڪستاني برآمدات تي لڳايل محصولات ۾ گهٽتائي ايندي. انهي اهم اڳڀرائي سبب توانائي، معدنيات، آءِ ٽي ۽ ڪرپٽو ڪرنسي ۾ اقتصادي تعاون جا رستا هموار ٿيندا.

پاڪستاني ڪمپني جي روزاني ريفائنري پروسيسنگ صلاحيت هڪ لک 56 هزار بيرل آهي جڏهن ته ايندڙ پنجن سالن ۾ ريفائنري اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ٻيون آف شور ٽرمينل لڳائڻ جو به منصوبو غور هيٺ آهي. ايس آءِ ايف سي جي  بهتر ڪاوشن سان ڪيل معاهدو اهم شعبن ۾ ڀائيواري معاشي ترقي جو اهم ذريعو بڻجندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں