64

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي تحفظات آهن: عطا تارڙ

لاهور (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو احترام ڪري ٿو پر ان تي تحفظات آهن.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءَ تارڙ چيو ته حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير هوندو، هو وڃڻ وارو ناهي، اسيمبلي ٽوڙڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.هن چيو ته هاڻي فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد کان وڏو ڪو به ابن الوقت ناهي، پرويز الاهي جو وڏو وزير بڻجڻ جو خواب پورو نه ٿي سگهيو، ن ليگ کي پنجن مان ٽن ميمبرن لاءِ مخصوص سيٽون ملنديون. ان موقعي تي اويس لغاري چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ آرٽيڪل 63 اي جون شرطون پوريون نه ڪيون ويون. اسان جو ٻيو ڪو مقصد ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں