77

حمزه شهباز کي چئلينج ٿو ڪريان ته هو اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺي: مونس الاهي

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ق جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ کان وڌيڪ اڪثريت سندس آهي. ڳالهائيندي مونس الاهي چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ اسان جا 172 ميمبر آهن ۽ مسلم ليگ ن جا ان حوالي سان 168 ميمبر آهن.هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ اڪثريت جي دعويٰ ڪري رهي آهي ته حمزه شهباز کي چئلينج ڪريان ٿو ته هو اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺي، جيڪڏهن شهباز شريف کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چيو ويو ته چوڌري سالڪ حسين ۽ طارق بشير چيما اسان سان گڏ هوندا. مونس الاهي دعويٰ ڪئي ته ن ليگ جا ڪيترائي ايم اين اي منحرف ٿي ويا آهن ۽ هو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں