64

نيب کي جاچ ۾ ڪجهه نه مليو، برطانيا ۾ به بيگناهه ثابت ٿيو آهيان: وزيراعظم

لاھور (رپورٽر) وزيراعظم شھباز شريف ۽ پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز مني لانڊرنگ ڪيس تي ٻڌڻي دوران لاهور جي عدالت ۾ پيش، وزيراعظم شهباز شريف عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته عوام جا اربين رُپيا بچايا آهن، نيب کي جاچ ۾ ڪجهه نه مليو، برطانيا ۾ به بيگناهه ثابت ٿيو آهيان، مون وٽ حرام جو پئسو هجي ها ته ڏيهه واپس ڇو اچان ها، اي اين ايس به 2 سال جاچ ڪئي پر ٽَڪَي جِي به ڪرپشن ثابت نه ٿي، ڪرپشن ڪريان ها ته عدالت ۾ پيش نه ٿيان ها، عدالت سليمان شهباز سوڌو ٻين کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں