66

آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ناڪام ويون ته معيشت کي هلائڻ معجزو ٿي سگهي ٿو:راڻا ثناءُ الله

لاهور (رپورٽر) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته ملڪي معيشت جو هلڻ معجزو ٿي سگهي ٿو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان مريم نواز بابت جيڪا نازيبا ۽ فحش ڳالهه ڪئي آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس پنهنجو تجربو خراب آهي، مان سمجهان ٿو ته عمران خان جهڙو گندو ڪردار ڪروڙين يا لکن ۾ ڳولڻ سان شايد ئي ملي سگهي. تڪڙي چونڊن بابت سوال تي هن چيو ته آئيني مدو پورو ڪرڻ سمورن اتحادين جو فيصلو آهي، اتحادين کي ڪنهن به قسم جي حيرانگي نه ڏينداسين ۽ جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو گڏيل مشاورت سان ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال ۾ آءِ ايم ايف جو ڪردار تمام اهم آهي، اسان آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ڪيو هو، پر جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته پوءِ ملڪي معيشت کي هلائڻ هڪ معجزو آهي،راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته ن ليگ به نٿي چاهي ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وڃي ، جيڪڏهن شهباز شريف کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ سمورن ادارن جو سهڪار حاصل ڪيو وڃي ته اسان کي يقين آهي ته ملڪ کي هن مشڪل صورتحال مان ڪڍي وينداسين.گهرو وزير چيو ته نواز شريف به چاهي ٿو ته مهانگائي جو طوفان عوام تي نه لهي، اتحادي حڪومت جي حوالي سان سمورين صلاح مشورن کي نواز شريف جي حمايت حاصل آهي.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن اسان کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو ته اسان جا هٿ پير بند ڪيا ويندا ۽ اسان جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريا ويندا، پوءِ اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته ذميوارن کي نقصان ٿيندو، اسان سان صلاح مشورو ڪنداسين. اتحادين سان مشاورت بعد عوام ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں