71

31 مئي کان اڳ فيصلو ڪريو نه ته گاڏي نڪري ويندي: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته 31 مئي کان اڳ فيصلو ڪريو نه ته گاڏي نڪري ويندي. تفصيل موجب اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد سوشل ميڊيا ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اليڪشن جو مسئلو گڏيل مفاهمت سان حل ٿيڻ گهرجي يا جوڊو ڪراٽي ذريعي؟ چونڊون ڪرائڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، جلد حتمي شڪل ڏني وڃي.شيخ رشيد چيو ته عدم اعتماد واري پاليسي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، فيصلن ۾ دير سان وڌيڪ تباهي ايندي، 31 مئي کان اڳ فيصلا ڪريو نه ته گاڏي نڪري ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں