79

سنڌ کي ڪڏهن به حصي جو پاڻي ناهي مليو: منظور وساڻ

ڪراچي:سنڌ سرڪار حصي کان گھٽ زرعي پاڻي ملڻ سبب  خريف سيزن ۾ خوراڪ ۽ فصلن جي گھٽ لھڻ جوخدشو ظاھر ڪري ڇڏيو، صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ کي ڪڏهن به حصي جو پاڻي ناهي مليو، هاڻ وري ارسا احتياط سان پاڻي استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته ارسا سنڌ کي حصي جو پاڻي فراھم نه ڪيو ته صوبي ۾ خوراڪ ۽ فصل گھٽ ٿي سگھي ٿو، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 53 فيصد ۽ ڪوٽڙي ۾75سيڪڙو تائين پھچي چڪي آھي، منظور وساڻ چيو ته سنڌ جي آبادگارن جا فصل سڙي رھيا آھن، بدين، سجاول، ٺٽي جي ماڻھن وٽ پيئڻ جو پاڻي ناھي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں