82

لاهور پوليس هٿان پنجاب اسيمبلي جو ڊي جي پارليماني امور گرفتار

لاهور (م ڊ) لاهور ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ڊي جي پارلياماني معاملن راءِ ممتاز کي گرفتار ڪري ورتو.پنجاب اسيمبلي جي ترجمان موجب پوليس راءِ ممتاز جي گهر ۾ ڀتين تي چڙهي داخل ٿي کيس گرفتار ڪري ورتو.راءِ ممتاز جي گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته پوليس رات جو گهر تي ڇاپو هنيو ۽ راءِ ممتاز کي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو.پنجاب اسيمبلي جي ترجمان موجب اسيمبلي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي ۽ سيڪريٽري ڪوآرڊينيشن عنايت الله لک جي گهرن تي به ڇاپا هنيا ويا.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي راءِ ممتاز جي گرفتاري ۽ محمد خان ڀٽي ۽ عنايت الله جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سموري ڪارروائي شهباز شريف جي حڪم تي ٿي رهي آهي، حڪومت جو اهو عمل فسطائيت تي ٻڌل آهي.پرويز الاهي چيو ته اسيمبلي آفيسرن جون گرفتاريون ۽ ڇاپا حڪومت جي بي حسي جو ثبوت آهن، غير آئيني ۽ جعلي حڪومت آئين خلاف قدم کڻي رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں