82

پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو، ڏسون ٿا ته ميمبرن کي ڪير ٿو روڪي: پرويز الاهي

لاهور (رپورٽر) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته اسان جا سمورا ميمبر اجلاس ۾ پهچندا، پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ ضرور ٿيندو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته اسيمبلي ميمبر منجهند 12 وڳي ايوان ۾ پهچندا، ڏسون ٿا ته چونڊيل ميمبرن کي ايوان ۾ داخل ٿيڻ کان ڪير ٿو روڪي، هن چيو ته چونڊيل نمائندن کي ڪو به اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ کان نه ٿو روڪي سگهي، مان اڄ به وزيراعليٰ پنجاب جو اميدوار آهيان، هن چيو ته حڪومتي فسطائيت جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، پيءُ پٽ اسيمبلي سان ايئن ان لاءِ ڪري رهيا آهن ته انهن وٽ نمبر گهٽ آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں