82

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڊسپلي سينٽر قائم ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (رپورٽر) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڊسپلي سينٽر قائم ڪري ڇڏيا آهن.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊن لاءِ غير حتمي ووٽر لسٽن جي اشاعت لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڊسپلي سينٽر قائم ڪري ڇڏيا آهن.سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ تقريبن 20159 ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، پنجاب ۾ 12037، سنڌ ۾ 3609، خير پختونخواهه ۾ 3040 ۽ بلوچستان ۾ 1473 ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.اهي ڊسپلي سينٽر 21 مئي کان 19 جون تائين کليل رهندا پر تفصيل اخبارن ۽ ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويا آهن.   غير حتمي ووٽر لسٽون عوام جي چڪاس لاءِ ڊسپلي سينٽر تي رکيا ويا آهن، ووٽر پنهنجا ۽ پنهنجي خاندان جا نالا ۽ ڊيٽا چيڪ ڪري سگهن ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں