68

چين هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

بيجنگ (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پنهنجي چيني هم منصب وانگ يي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي.هن چيو ته چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان ڀرپور سهڪار ڪيوآهي جنهن تي چين جا ٿورائتا آهيون.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو، وزيراعظم ۽ پاڪستاني قوم طرفان چين لاءِ نيڪ خواهشون کڻي آيو آهيان.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ چين دوستي نه رڳو علائقائي پر عالمي امن لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ۽ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان چيني شهرين تي تازي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪري ٿو ۽ چيني شهرين تي حملي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں