76

وزيراعظم پنجاب جي نئين گورنر لاءِ سمري صدر کي موڪلي ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي نئين گورنر جي مقرري لاءِ سمري وري صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي.ذريعن موجب وزيراعظم طرفان صدر کي موڪليل نئين سمري ۾ به شيخ بليغ الرحمان کي پنجاب جو گورنر لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.سمري ۾ وزيراعظم چيو آهي ته پنجاب جي نئين گورنر لاءِ بليغ الرحمان ئي مناسب شخصيت آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر 31 مئي تائين گورنر جي مقرري جي منظوري جو پابند آهي.واضح رهي ته صدر عارف وزيراعظم شهباز شريف کي عمر سرفراز چيما کي هٽائڻ بابت سمري تي نظرثاني جي درخواست ڪئي هئي، جڏهن ته وزيراعظم طرفان صدر کي جوابي خط لکيو ويو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته بليغ الرحمان کي پنجاب جو نئون گورنر هوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں