69

عمران خان جي لانگ مارچ جي اهميت ناهي، هو مکيون مارڻ اسلام آباد ايندا: فضل الرحمان

پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان جي لانگ مارچ جي اهميت ٻن پئسن جي به ناهي، اهي مکيون مارڻ اسلام آباد ايندا.پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ جو ڏيوالو ٿي نه رهيو آهي پر ٿي ويو آهي، عمران خان جي معاشي ماهرن چيو هو ته ڊالر 200 تائين ويندو، هي انهن جي ئي پاليسين جو تسلسل آهي، ڏکئي وقت ۾ سياستدانن ۽ ادارن کي هڪ صفحي تي هجڻ گهرجي.هن چيو ته عمران خان جي لانگ مارچ جي اهميت ٻن پئسن جي به ناهي، اهي مکيون مارڻ اسلام آباد ايندا، ڪنهن جو دماغ خراب آهي جو لانگ مارچ ۾ ايندو؟ جيڪو لانگ مارچ اسان ڪيو، ڪنهن جو پيءُ به رڪارڊ نٿو ٽوڙي سگهي.سندس چوڻ هو سڀ کان وڏو چئلينج آهي ته ملڪ کي ڪيئن کنيو وڃي؟ 4 سالن جي خرابي 4 ڏينهن ۾ پوري ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ملڪ کي ٻيهر کڻڻ وڏو چئلينج آهي، اسان کي عوامي سپورٽ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں