68

عمران خان 25 مئي تي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پشاور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان 25 مئي کان اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت مان ڇوٽڪاري لاءِ لانگ مارچ ڪيو ويندو.اهڙن خيالن جو اظهار هن تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.هن چيو ته آمريڪا اسان جي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ڪئي، اها سازش منهنجي خلاف نه سڄي پاڪستان خلاف ڪئي وئي، اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سازش ڪامياب نه ٿئي پر بدقسمتي سان اسان ان سازش کي نه روڪي سگهياسين.سندس چوڻ هو ته 2018 ۾ اسان کي ملڪ ڏيوالي جي حالت ۾ مليو، اسان چئن سالن ۾ ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي حڪومت ان وقت ڪيرائي وئي، جڏهن ملڪ ترقي ڪرڻ لڳو هو، 8 مهينا اڳ حڪومت جي تبديلي لاءِ آمريڪا ڪرپٽ ترين ماڻهن کي پاڻ سان ملايو، نئين حڪومت جي ماڻهن جو تجربو رڳو ڪرڻ ڪرڻ ۽ پلاند وٺڻ ۾ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں