66

آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي شروعات تي لانگ مارچ جو اعلان افسوسناڪ آهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 25 مئي تي آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي شروعات ٿي رهي آهي، ان دوران پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جو اعلان افسوسناڪ آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين کي ختم ڪرڻ لاءِ لانگ مارچ جو شور مچايو پيو وڃي، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين ۽ جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان ڳالهيون نه ٿيون ته پوءِ وڏا فيصلا ڪنداسين. هن چيو ته عمران خان کي ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ سبب گرفتار ڪيو وڃي، اتحادين جي اجلاس ۾ گرفتارين جي راءِ ڏيندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں