70

خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ آنڌي ۽ برسات جي اڳڪٿي

اسلام آباد (م ڊ) ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ اڄ آنڌي ۽ گجگوڙ سان ڀرسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، موسميات کاتي موجب ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ سان گڏوگڏ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائون گهلڻ جو امڪان آهي، 24 ڪلاڪن دوران وڌ کان وڌ درجه حرارت موهن جو دڙو، جيڪب آباد، دادو، سبي ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻو، پڊعيدن ۽ سڪرنڊ ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي، ٻئي طرف ڪراچي جي موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪالهه جي ڀيٽ ۾ 4 کان 5 ڊگري سينٽي گريڊ اضافي جو امڪان آهي ۽ اڄ گرمي جو پارو 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں