67

سڄي ملڪ ۾ بجليءَ جو شارٽ فال 7 هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو

ڪراچي (م ڊ) سڄي ملڪ ۾ بجليءَ جو شارٽ فال 7 هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو، ملڪ ۾ بجليءَ جي طلب 25 هزار 500 ميگاواٽ آهي، جڏهن ته سپلاءِ 18 هزار 500 ميگاواٽ ٿي رهي آهي، خانگي بجلي گهرن مان 9500 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿي رهي آهي، جڏهن ته پن بجلي گهرن مان 1200 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪئي پئي وڃي، ونڊ ۽ سولر سسٽم مان هڪ هزار ميگاواٽ بجلي ملي رهي آهي، بجلي جو شارٽ فال سڄي ملڪ ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سان پورو ڪيو پيو وڃي، شهري علائقن ۾ بجلي 8 کان 9 ڪلاڪ بند ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بجليءَ جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ 12 ڪلاڪن تائين ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں