93

منهنجو ڪردار هڪ شخص سان ڏاڍي محبت ڪندو آهي: عائزا خان

لاهور: من موهڻي اداڪارا عائزا خان نئين ڊرامي ”ياريان“ ۾ هڪ عورت جو ڪردار نڀائي رهي آهي، جيڪا پنهنجي شادي شده زندگي مان خوش ناهي هوندي، جڏهن ته هوءَ پنهنجي مڙس سان محبت به ناهي ڪندي.
هڪ انٽرويو ۾ ناليواري اداڪارا جو چوڻ هو ته ان ڊرامي ۾ ٻه ڀيڻون آهن پر ٻنهي جي ڪهاڻي مختلف آهي، هڪ پنهنجي شادي شده زندگي کي قبول ڪيو آهي ۽ خوش آهي، جڏهن ته ٻي پنهنجي شادي مان خوش ناهي ۽ ٻين کي به خوش رهڻ ناهي ڏيندي. عائزا خان موجب منهنجو ڪردار هڪ شخص سان ڏاڍي محبت ڪندو آهي پر منهنجي شادي ڪنهن ٻئي سان ٿي ويندي آهي، بدقسمتي سان منهنجو ڪردار ان شادي مان خوش ناهي ۽ هوءَ ان شخص کي به خوش رهڻ ناهي ڏيندي، جنهن سان سندس شادي ٿي آهي. عائزا خان ان ڊرامي ۾ ناڪاري ڪردار نڀائي رهي آهي، جنهن جو نالو ذوبي آهي ۽ اداڪارا موجب ڊرامي ۾ سندس ڪردار ڏاڍو خودغرض به ڏيکاريو ويندو.
عائزا خان ٻڌايو ته مان پنهنجي ان ڪردار کي سنجيدگي سان نڀايو آهي، ڪيترائي سين اهڙا هئا، جيڪي ڪندي حقيقت ۾ روئي پيس، هن سين ۾ منهنجي شادي جي رات ڏيکاري ويندي آهي ۽ مان پنهنجي پاڻ کي ان جاءِ تي رکي سوچيندي رهيس ۽ روئي پيس، ٽيم منهنجي ڪم جي تعريف ڪئي، جنهن تي مان اهو ئي ٻڌايو ته ان وقت مان اهو پئي چيو ته جيڪڏهن منهنجي شادي دانش تيمور سان نه ڪنهن ٻئي سان ٿئي ها ته مون کي ڇا محسوس ٿئي ها ۽ اهو ئي سوچي روئڻ لڳس. سندس موجب ان ڪهاڻي جو مقصد اهو ئي آهي ته توهان کي پسند ته ڪيترائي ماڻهو ايندا آهن پر توهان جي محبت هڪ سان ئي رهندي آهي، ڊرامي ۾ ماڻهن کي اهو پيغام ڏنو ويندو ته زندگي گذرندي رهندي آهي ۽ اسان کي ان ئي شخص سان گڏ خوش رهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جنهن سان اسان جي شادي ٿي آهي.
ان ڊرامي ۾ ذوبي جي ڀيڻ جو ڪردار مومل شيخ نڀائي رهي آهي، جيڪا سادي طبعيت جي آهي، جڏهن ته ڊرامي جي ٻي ڪاسٽ ۾ مريم نفيس، حنا بيات، شگفتا اعجاز ۽ محمود اسلم شامل آهن. ”ياريان“ جي ڪهاڻي ثمينا اعجاز لکي آهي، جڏهن ته هدايتون وجاهت حسين ڏئي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں