92

مراڪش جي فٽبالر رانديگر حڪيم زيچ پنهنجي سموري پگهار غريبن ۾ ورهائي ڇڏي

دوحا: مراڪش ٽيم جي اسٽار فٽبالر حڪيم زيچ فيفا ورلڊ ڪپ ۾ حاصل ڪيل 325,000 ڊالر غريبن ۾ ورهائي ڇڏيا.
آمريڪي نيوز ايجنسي سان تعلق رکندڙ مراڪش صحافي انڪشاف ڪيو آهي ته مراڪش ٽيم جي اسٽرائڪر حڪيم زيچ کي 2015 کان قومي ٽيم لاءِ کيڏندي هن وقت تائين هڪ روپيو به وصول ناهي ڪيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي صحافي خالد بيدون چيو ته زيڪ پنهنجي پگهار ٽيم جي عملي ۽ غريب خاندانن ۾ ورهائي ڇڏي ٿو.

ياد رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي نئين تاريخ رقم ڪندڙ مراڪش جي پوري ٽيم مهاجرن تي مشتمل آهي، اسڪواڊ ۾ شامل سمورا 26 رانديگر ملڪ کان ٻاهر پيدا ٿيا، انهن جو تعلق يورپ جي مختلف ملڪن سان آهي.

مراڪش پنهنجي پهرين ميچ ڪروشيا سان کيڏيو جيڪا گول جي برابري تي ختم ٿي، ٻي ميچ ۾ مراڪش سنسني خيز انداز ۾ بيلجيم کي 0-2 تان شڪست ڏني ۽ ٻئي ميچ ۾ ڪينيڊا کي 1-2 تان شڪست ڏني، اڳوڻي عالمي چيمپيئن اسپين کي 0-3 تان شڪست ڏئي پينالٽي تي 3-3 تان هارائي ڇڏيو. جڏهن ته ڪوارٽر فائنل ۾ پرتگال کي 0-1 تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿيڻ سان رونالڊو جو ورلڊ ڪپ کٽڻ جو خواب ٽٽي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں