58

غيرقانوني ڪرنسي ايڪچسينج تي ڇاپا، هزارين ڊالر هٿ، 2 جوابدار گرفتار

پشاور: غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج تي ڇاپا مار ڪارروائي دوران هزارين ڊالر هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب ايف آءِ اي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل پشاور ڊپٽي ڊائريڪٽر رضوان شاهه جي هدايت تي ڇاپا مار ڪارروائي دوران ڪرنسي جي غيرقانوني ايڪسچينج ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جيڪو بنا لائسنس جي مني چينجر جو ڪاروبار ڪري رهيو هو.

جوابدارن کي پشاور جي علائقي صدر بازار مان گرفتار ڪيو ويو جن ۾ عاطف الله ۽ خالد شامل آهن.  ڇاپن دوران جوابدارن کان 40 هزار ڊالر هٿ ڪيا ويا آهن. جوابدار هٿ آيل ڪرنسي جي حوالي سان اختيارين کي مطمئن نه ڪري سگهيا. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں