54

سنڌ جي صحت کاتي 3 وڏين اسپتالن لاءِ گهرايل 4 روبوٽڪ سسٽم جا ٽينڊر رد ڪري ڇڏيا

ڪراچي: سنڌ جي صحت کاتي جناح اسپتال، گمبٽ اسپتال ۽ لمس اسپتال جي لاءِ گهرايل 4 روبوٽڪ سسٽم جا ٽينڊر رد ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ جي صحت کاتي جي نگران وزير چيو آهي ته سرڪاري اسپتالن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته مالي وسيلن کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ روبوٽڪ سرجري جو استعمال معمولي آپريشن جي بجاءِ صرف ڏکين آپريشن جي لاءِ ڪيو وڃي.

پنهنجي آفيس ۾ نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي صحت بابت نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو ته مان سرجن نه آهيان ان لاءِ وڌيڪ گهرائي سان ليپرو اسڪوپي ۽ روبوٽڪ سرجري ۾ فرق نٿو ٻڌائي سگهان پر مان اهو ضرور ڄاڻان ٿو ته ليپرو اسڪوپي ذريعي جيڪڏهن پتو ڪڍيو وڃي ته ٻئي ڏينهن مريض اسپتال مان ڊسچارج ٿي ويندو آهي.

هن چيو ته نجي اسپتالن ۾ پتو ڪڍڻ جي آپريشن لاءِ لکين روپيه وصول ڪيا ويندا آهن. جناح ۽ سول اسپتال ۾ ليپرو اسڪوپي جي ذريعي پتو ڪڍڻ واري آپريشن جا پئسا نجي اسپتالن جي نسبت گهٽ آهن.  مان ڪابه روبوٽڪ سرجري نه روڪي آهي. مون وٽ 6 روبوٽڪ سسٽمز گهرائڻ جي درخواست آئي هئي پر مون جناح اسپتال، گمبٽ اسپتال ۽ لمس اسپتال جي لاءِ گهرايل 4 روبوٽڪ سسٽمز جو ٽينڊر رد ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ان حوالي سان منهنجو  سوال اهو آهي ته اهڙو صحت يا  اهڙي اسپتال جتي هنگامي ۽ بنيادي طبي سهولتون مڪمل نه هجن ۽ ڇتيون ڪري رهيون هجن اتي اهڙين ضرورتن کي پهريان پورو ڪيو وڃي يا نئين ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرايو وڃي؟ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي اسپتالن ۾ روبوٽڪ سرجري جي سهوليت موجود آهي پر ان جي باجود اهي پتو ڪڍڻ جو آپريشن روبوٽ سان نه ڪندا آهن.

نگران صوبائي وزير چيو ته اسان وٽ 6 روبوٽڪ سسٽمز جي لاڳت تقريبن 5.7 ارب روپين جي اچي رهي آهي. في ڪيس گهٽ ۾ گهٽ 15 سئو ڊالر(ساڍا 4 لک روپين) جي لاڳت سان ٿيندو. مون شهر جي بهترين ۽ عالمي سرجن سان به مشورو ڪيو آهي انهن به ساڳيو مشورو ڏنو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں