46

نوازشريف چوٿون ڀيرو به وزيراعظم بڻجندو: خواجه آصف

لاهور:مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته نوازشريف چوٿون ڀيرو به وزيراعظم بڻجندو.

خواجه آصف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوازشريف 21 آڪٽوبر تي واپس اچي رهيو آهي. انشاءَالله هو چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو ۽ اهي سمورا مسئلا حل ٿيندا ڇو ته ماضي هن اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو اڳوڻي وزيراعظم سمورين شين کي لغام وجهي ڇڏي هئي.

هن چيو ته نوازشريف بجلي جو يونٽ 11 روپيه ڇڏي ويو هو. اڄ بجلي جو في يونٽ 55 روپين جو ٿي چڪو آهي. نوازشريف دنيا جا سستا ترين ڪارخانا لڳايا، پي ٽي آءِ جو چئن سالن جو دور تباهي جو دور هو.

خواجه آصف چيو ته پاناما ۾ نوازشريف جو نالو نه هو، کيس پٽ کان پگهات نه وٺڻ تي نااهل ڪيو ويو. پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳوڻي وزيراعظم کان اپيل جو حق به واپس ورتو ويو، اهڙو سلوڪ ته بدترين جوابدارن سان به نه ڪيو ويندو آهي.

هن چيو ته اڄ پي ٽي آءِ قيادت گوڙ ڪري رهي آهي ڇا ان وقت انهن کي ياد نه هو، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات وڃڻ جي ايجنڊا جي باري ۾ خبر نه هئي. نوازشريف هڪ ٻن ملڪن مان ٿي پاڪستان اچي رهيو آهي.

(ن) ليگ جي اڳواڻ خواجه آصف چيو ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، اسمگلنگ رڪجڻ سان ڊالر ۾ استحڪام آيو آهي، پرڏيهين خلاف ايڪشن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. ڪرنسي کان وٺي تندور به افغانين جي قبضي ۾ آهن. پرڏيهين جي خلاف ڪريڪ ڊائون جا سٺا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں