48

مخالف قيد ۾ هجي ۽ مان ان خلاف جلسا ڪيان ته مزو نه ايندو: فضل الرحمان

پشاور: جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته منهنجو مخالف قيد ۾ هجي ۽ مان ان خلاف جلسا ڪيان ته مزو نه ايندو، چاهيان ٿو ته هر سياستدان جيل کان ٻاهر هجي.
تقريب سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مان جنهن سان جنگ وڙهندو آهيان، ان جا به هٿ کليل هجڻ گهرجن، منهنجو مخالف قيد ۾ هجي ۽ مان ان خلاف جلسا ڪيان ته مزو نه ايندو.
هن چيو سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته اسان جون ڏکيائيون ڪهڙيون آهن، ڪجهه حقيقتون آهن، جيڪي اسان کي تسليم ڪرڻيون پونديون، پاڪستان ۾ هن وقت اندروني ۽ ٻاهريان چئلينج آهن، اسان کي هڪ قوم جيان پنهنجي وطن لاءِ سوچڻو پوندو.

سندس موجب ڊپلوميٽ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرممين جي گرفتاري تي ڳڻتي آهي، مان چيو 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ سي ڪلاس ۾ هو، ان تي به ڳڻتي ٿئي ها.
فضل الرحمان چيو ته قوم جي ڪاوڙ وڌندي پئي وڃي، ڪير به اسان جي اندران خاميون نٿو ڪڍي سگهي، سڀني جماعتن کي هڪ پليٽ فارم تي رکيو ته جيئن ملڪ کي وحدت کي بچائي سگهجي، غربت ۽ مهانگائي پنهنجي جاءِ تي پر بدامني ۽ خوف آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں