54

پيٽرول وڌيڪ سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان ۾ تيل اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 12 ڊالرن جي گهٽتائي بعد پيٽرول 102 ڊالر في بيرل جي سطح تي اچي ويو ۽ ڊيزل جو اگهه 9 ڊالر گهٽتائي سان 117 ڊالر في بيرل ٿي ويو آهي.
عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ مقامي سطح تي پيٽرول في ليٽر 38 رپيا جڏهن ته ڊيزل 18 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
رپئي جي قيمت ۾ مسلسل واڌ سبب به تيل اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي جڏهن ته حتمي فيصلو 15 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں