56

پيٽرول ايڏو مهانگو ٿي ويو آهي ته هاڻ اسان کان به برداشت نه پيو ٿئي: بلاول ڀٽو زرداري

جيڪب آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيٽرول ايڏو مهانگو ٿي ويو آهي جو هاڻ اسان به برداشت نٿا ڪري سگهون.
جيڪب آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ چونڊن لاءِ هر وقت تيار آهي، عوام کي جلد موقعو ملندو ته اهو پنهنجا نمائندا چونڊي سگهي، جمهوريت پسند سياستدان هر مسئلي جو حل چونڊن ۾ ڏسندا آهن.
هن چيو اسان چاهيون ٿا جلد چونڊون ٿين ته جيئن عوام جي خدمت ڪري سگهون، عوام کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ نواز شريف واپس اچي رهيو آهي، پ پ ان تي خوش آهي، ن ليگ جي اڳوڻن وزيرن کي ميدان ۾ اچي وال چاڪنگ ڪرڻ گهرجي به نواز شريف جي واپسي تي ن ليگ جي اها تياري نظر نه پئي اچي، اسان نٿا چاهيون ته سڄو بار شريف خاندان کڻي، انهن جي وزيرن کي به هاڻ محنت ڪرڻي پوندي.

بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو ته اسان پنهنجي چونڊ وڙهنداسين، منهنجو نظريو، منشور ۽ جماعت پنهنجي آهي، ضروري آهي ته ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيون، چونڊون نه ٿيون ته اسان سڀ ذميوار هونديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں