53

ميرپورخاص ويجهو تيز رفتار بس ڪلٽي، هڪ ٻارڙي فوت، 30 ڄڻا زخمي

ميرپورخاص: ميرپورخاص ويجهو محمد ميڊيڪل ڪاليج ڀرسان تيز رفتار بس فٽ پاٿ تي چڙھڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ هڪ سال جي ٻارڙي سدره لاشاري ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 10 ٻارن ۽ 9 عورتن سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ جمعون، راحب، فھيم، غلام قادر، شھزاد، شايان، بشير احمد، نازما، غلام عباس ۽ ٻيا شامل آهن.
هوڏانهن ٻارڙي جي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.
بس ۾ سوار لاشاري برادري سان تعلق رکندڙ هئا جيڪي سمن سرڪار جي درگاهه تي حاضري بعد واپس ٽنڊو ڄام موٽي رهيا هئا ته ميرپورخاص وٽ حادثو پيش آيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں